پَـر نانگ/ سرنگهه

پَـر نانگ/ سرنگهه

پر نانگ سرنگهه

پَـر نانگ/ سرنگهه(Coluber Platyceps) : هن بلا جو رنگ ميٽائون
يا ڳاڙهاڻ مائل ڀورو ٿئي ٿو، هن جي جسم تي 60 کان 75 پاسيرا چِٽ يڪسان طور تي هلڪي ڪاري رنگ جي ڇلر سان ٿين ٿا، هن کي پاسن کان ان ئي رنگ جا ننڍا نشان به هوندا آهن. هن جي جسم جو پويون حصو عام طور هلڪو هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي بلا ساڳئي رنگ جي هلڪي ڪاري هوندي آهي. هن جو پيٽ اڇو ۽ پويون حصو ميٽائون هوندو آهي.
هيءَ بلا عام طور جابلو علائقن ۾ پٿرن ۾ رهندي آهي، خطري وقت هڪدم سوڙهين وٿين ۾ گهڙي ويندي آهي. ڏينهن جو سرگرم رهندي آهي ۽ تمام تيزيءَ سان حرڪت ڪندي آهي. ڪِرڙيون کائيندي آهي. طبيعت ۾ خارباز آهي ۽ پڪڙجڻ تي مقابلو ڪندي آهي. ترڪستان، شام، عرب ۽ پاڪستان ۾ لداخ کان وٺي سنڌ جي جابلو علائقن تائين ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو